اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ??هي?? ته اسلام آباد ۾ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان 25 ارب ارپين جي لاڳت سان 12 منزلن واري جديد آءِ ٽي پارڪ هلندڙ سال مڪمل ??يو وڃي، آءِ ٽي پارڪ جي تڪميل سان 10 هزار روزگار جا موقعا ميسر ايندا، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿين??ي، هن منصوبي سان اڪيڊميا، تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿين??ي، نوجوانن کي فني تعليم سان همڪنار ??يو ويندو، پاڪستان جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي جي دوري ۽ تعميراتي ڪم جي جائزي جي موقعي تي اهڙو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جديد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون، هي سهولتن جي لحاظ کان شاندار منصوبو هوندو، هن منصوبي تي 25 ارب رپين جي لاڳت اين??ي، 70 ملين ڊالرن جي نرم شرطن تي قرض ڏکڻ ڪوريا ڏنو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني کي هن منصوبي جو 2022ع ۾ ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ڏنو ويو جنهن تي زور شور سان ڪم جاري ??هي?? ٻيهر حڪومت اچڻ تي ان تي هاڻي تيزي سان ڪم ٿي رهيو ??هي?? ان جي تڪميل جون 2025ع ۾ متوقع آهي. هن مملڪتي وزير شيزا فاطمه ۽ سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل ڪمپني کي چيو ??هي?? ته هلندڙ سال هن منصوبي کي مڪمل ڪن. هي پارڪ پاڪستان ۽ پرڏيهه جي لاءِ رول ماڊل هوندو. هن چيو ته پنجاب ۾ منصوبن جي تڪميل لاءِ جيڪا پاليسي هئي، هاڻي وفاق ۾ به اها ئي پاليسي هون??ي، تعمير جو ڪم شاندار ??هي?? معيار تي ڏکڻ ڪوريا سمجهوتو نه ٿو ڪري، لاڳاپيل ايم اين ايز، ان تعمير ۾ دلچسپي وٺن ۽ ان ۾ موجود رڪاوٽون ڏسن ته انهن کي دور ڪن. هن چيو ته هتي آءِ ٽي ڪمپنين جون 120 کان وڌيڪ آفيسون هونديون، ليول ٿري جو پهريون ديٽا سينٽر به هتي قائم ٿيندو جيڪو بذات خود اعليٰ سطح جو سينٽر هوندو. انڪيوبي??ن، بزنس سپورٽ سينٽر هوندو، 12 منزلن واري عمارت ۾ ڇت هيٺان سهولتون موجود هونديون. هن چيو ته اڪيڊميا سان ان پارڪ جو ويجهو تعلق هوندو. پروفيسر ۽ شاگرد هتي جو دورو ڪندا، انهن جي رهائش لاءِ هتي گيسٽ هائوس جو به انتظام ??يو ويندو. هن چيو ته هتي ڪمرشل، اسپورٽس جي سهولت پڻ هون??ي، تحقيق ۽ ترقي لاءِ آءِ ٽي ليباريٽري قائم هون??ي، آڊيٽوريم ۽ ورچوئل ڪلاس رومز جو انتظام ??يو ويو ??هي?? ان سان سڄي پاڪستان جا تعليمي ادارا فائدو حاصل ڪري سگهندا، هن سينٽر ۾ 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن سينٽر عيوض 250 اي روزگار مرڪز به قائم ٿيندا. هي هڪ جديد آءِ ٽي پارڪ هوندو جيڪو انقلابي حيثيت وارو هوندو. وزيراعظم چيوته هن جديد پارڪ جي تعمير تي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو، ان مان پورو پاڪستان فائدو حاصل ڪندو. اسان صوبن جي تعاون سان اهڙن وڌيڪ آءِ ٽي پارڪس جي تعمير يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته آءِ ٽي جو سڀ کان وڏو بجيٽ 80 ارب رپيا رکيو ويو آهي. اي اڪانامي ۽ اي گورننس جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن، ٻن هفتن کان پوءِ ٻيهر ملاقات ۾ ان کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته نوجوانن کي جديد هنر سيکاريا ويندا، هي هڪ چئلينج آهي جنهن کي گڏجي پڄاڻي تائين پهچائينداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ فنڊ رکڻ تي ناڻي واري وزارت جو ٿورو مڃان ٿو ۽ هن بجيٽ جي منظوري تي اتحادين جو به شڪر گذار ??هي??ن. هن چيو ته پنهنجي آفيس، سڌ سماءَ واري وزارت، ايم اين ايز ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني جو به ٿورائتو ??هي??ن، جيڪي اسان جي نوجوانن لاءِ هي سهولتون ڏئي رهيا آهن، ان سان نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته ??يو ويندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هي منصوبو شروع ٿيو ته ان وقت امين الحق آءِ ٽي جو وزير هو جنهن هن منصوبي ۾ وڏي ڪوشش ڪئي. سي ڊي اي ۽ گهرو وزارت جي تعاون تي به ٿورائتو ??هي??ن. هن چيو ته محنت ڪيون ۽ لگن سان فيصلا ڪيون ته ڪو به مشڪل مشڪل نه رهندو، پاڪستان کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ان لاءِ سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي.