اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف عدالتن ۽ ٽربيولز ۾ التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي ??اءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي ??اءِ سنگل سيلز ٽيڪس سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مث??ت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو آهي، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان چار ڪلاڪ ڊگهو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز ۾ سڌارن، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گذريل 8 هفتن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل عالمي شهرت رکندڙ ڪنسلٽنٽ ميڪ ڪينزي جي ??گراني هيٺ ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مث??ت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن سان اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن آهي، سڌارن جي حوالي سان ايف بي آر جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ غيرضروري دير انتهائي افسوسناڪ آهي. ايف بي آر پاران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ ٽيڪس جي حوالي سان 3.2 کرب رپين جا 83579 ڪيس التوا هيٺ آهن، موجوده حڪومت جي ??يستائين جي دور ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حل جي ??اءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن، گذريل چئن مهينن دوران مختلف عدالتن پاران اٽڪل 44 ارب رپين جا 63 ڪيس اڪلايا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندڙ 49 لک ماڻهن جي ??شاندهي ڪئي وئي آهي، پهرين اپريل 2024ع کان هيستائين ايف بي آر واپاري دوست موبائيل فون ايپلي ڪيشن جي ذريعي ڏيڍ لک ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن 49 لک ماڻهن ۾ دولتمند ۽ سرمائيدار کي ترجيحي بنيادن تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ غريب طبقي تي واڌُو بار نه وڌو وڃي، ان نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ??اءِ ريٽيلرز سان مشاورت جاري رکي وڃي. وزيراعظم ٽيڪس ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ??اءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ ۽ ڪسٽمز جي ڪيسن جي حوالي سان پڻ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ وڌائڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم ٽيڪس اپيليٽ ٽربيونلز جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ڊيش بورڊ تيار ڪرڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي ادائيگي ۾ ڪا دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيلز ٽيڪس جي حوالي سان ماضي ۾ ڪيل غيرقانوني ريفنڊز جي ??اپسي جي ??اءِ فوري حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي ??راڊ ڊيٽيڪشن اينڊ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪرڻ، ايف بي آر ۾ جاري سمورن سڌاراجاتي منصوبن کي هڪ مرڪزي نظام تحت آڻڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ بهترين افرادي قوت جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪسٽمز جي ??ظام کي اپ گريڊ ڪرڻ جي حوالي سان فنڊز جي ??راهمي ۾ ڪا دير نه ??ين??ي جڏهن ته ايف بي آر فوري طور تي نئين نظام جي سافٽ ويئر ڊيزائن ۽ لاڳو ڪرڻ جي حڪمت عملي پيش ڪري، پاڪستان روينيو آٽوميشن اٿارٽي ۾ سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم منصوبو آڪٽوبر 2024ع کان لاڳو ٿي ويندو، آءِ ٽي ٽي ايم ايس تحت طورخم ۽ چمن جي ??اڪ افغان بارڊرز تي واپار جي حوالي سان عالمي معيار جا ون ونڊو سهولت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، ڪسٽمز آٽوميٽيڊ اينٽري ايگزٽ سسٽم جي تياري جي حوالي سان ڪم جي شر??عا?? ڪئي وئي آهي، اي اي اي ايس جديد ترين اسڪيننگ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام هوندو جيڪو ويب بيسڊ ون ڪسٽمز ۽ پاڪستان سنگل ونڊو سان واڳيل هوندو، شر??عا??ي طور تي اي اي اي ايس کي ڪراچي جي چئني بندرگاهن، ڪراچي، ملتان ۽ پشاور جي ??وائي اڏن تي لاڳو ڪيو ويندو. وزيراعظم گوادر بندرگاهه ۾ پڻ اي اي اي ايس نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي ??اءِ سنگل سيلز ٽيڪس سسٽم کي لاڳو ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ سنگل سيلز ٽيڪس ريٽرن نظام آندو پيو وڃي، ٽيلي ڪام سيڪٽر مان اهو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، سنگل سيلز ٽيڪس جي ذريعي ايف بي آر سڄي ملڪ جي روينيو اٿارٽيز سان ڳنڍجي ??يندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.