ر??ول??نڊي – 09 – جولائي (اي پي پي) اتر وزيرستان ضلعي ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ر??ول??نڊي ۾ ادا ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، شهيد جي گهرڀاتين، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون پرامن ۽ خوشحال پاڪستان ۽ هر قسم جي د??شت??ردي کي شڪست ڏيڻ جي اسان جي عزم جي تصديق ڪن ٿيون. هن چيو ته قوم انهن غيرملڪي د??شت??ردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف پرعزم آهي ۽ پاڪستان جي انهن دشمنن کي هول – آف – دي – سسٽم حڪ??ت عملي تي ٻڌل گهڻ رخي حڪ??ت عملي جي ذريعي مڪمل شڪست ڏني ويندي انشاءَ الله. شهيد کي سندس اباڻي شهر ۾ پوري فوجي اعزاز سان دفنايو ويندو.