اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ول??و جي خاتمي جا ڦڙا پياريند?? ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي جي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ا??تعمال ۾ آڻڻ ۽ هر ٻار کي ??ول??و کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ??ول??و جي خاتمي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس پاڪستان مان ??ول??و جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا ا??تعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??ول??و جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس، گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس الياس، صنفي برابري واري صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ۽ گيٽس فائونڊيشن جي ??ول??و جي خاتمي واري ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل گالوي، روٽري، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جي حصيدار تنظيمن ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??ول??و جي خاتمي جي پروگرام ۾ پاڪستان سان اهم حصيداري ۽ ڊگهي وابستگي تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. هن ??ول??و جي خلاف اهم اڳڀرائي جي لاءِ فرنٽ لائين ورڪرز، حڪومتي قيادت ۽ حصيدارن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم شهباز سريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيستائين وائرس گردش ڪندو رهندو ۽ ٻارن کي مفلوج ڪندو رهندو ان جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون پوري قوت سان جاري رهنديون. 2024ع دوران ??ول??و جي 5 ڪيسز ۽ 185 ماحولياتي نمونن جي ??ول??و وائرس مثبت هجڻ جي رپورٽ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي وزيراعظم ??ول??و جي خاتمي جا ڦڙا پياريند?? ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اختيار ۾ سمورا وسيلا ا??تعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏنيون وڃن ۽ اهي ??ول??و کان محفوظ رهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبن کي ??ول??و جي خاتمي جي ڪوششن ۽ وائلڊ ??ول??و وائرس جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور ت?? قدم کڻڻ گهرجن. بل گيٽس پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس فائونڊيشن ??ول??و جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندي. هن ??ول??و جي خاتمي جي مهم دوران ٻارن کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن پيارڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس کي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي امن امان جي خراب صورتحال ۾ ورتل علائقن ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ هڪ ٻئي پٺيان ??ول??و مهم جي لاڳو ڪرڻ ۾ درپيش چئلينجز بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ??ول??و وائرس جي خاتمي جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي مختلف قدمن ۽ ويڪسينيشن جي تازي رجحانن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب معمول جي ويڪسينيشن ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ ان ۾ ويڪسينيشن جو تناسب صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. سڄي پاڪستان ۾ وائلڊ ??ول??و وائرس جي تشخيص ۾ تازي اضافي تي جار?? قدمن تي پڻ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي. ٽاسڪ فورس قومي ??ول??و پروگرام ۾ هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي موبلائزرز ۽ وٽيرينز جي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت قدمي کي ساراهيو جيڪي خراب امن امان جي صورتحال، چرپر ۾ ايندڙ آبادين تائين غيرمتواتر پهچ ۽ ويڪسين کا انڪار جي چئلينجز جي باوجود وائرس جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن. ??ول??و جي خاتمي جا ڦڙا پيارڻ جي مهم کانسواءِ، ٽاسڪ فورس صحت جي مرڪزن تي معمول جي ويڪسينيشن جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي صوبائي وزيرن، انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل ڪاشف نذير، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.