اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي خصوصي اجلاس ۾ فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فلسطين گڏيل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن ۾ فلسطين جي داخلا تي پنهنجو اعتراض ختم ۽ انهن خاطرين جي ساک ??حا?? ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان قرارداد جي من??وري فلسطيني عوا?? جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع ج?? سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي ??حا??ي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.