اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ جمع ڪرايل نامزگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ سردار اياز ??ادق، ملڪ محمد عامر ڊوگر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ وٽ جمع ڪرايا ويا. نامزد اسپيڪر سردار اياز ??ادق جي تجويز ڪندڙن ۾ چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، سيد ??ويد ??مر ۽ اويس احمد لغاري شامل آهن، ملڪ عامر ڊوگر جي تجويز ڪندڙن ۾ صاحبزاده صبغت الله، علي محمد ۽ ڊاڪٽر امجد علي خان شامل آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جنيد اڪبر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا.ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار لاءِ تجويز ڪندڙن ۾ محمد رضا حيات هراج ۽ اعجاز ??سين جکراڻي شامل آهن، جڏهن ته جنيد اڪبر جي تجويز ڪندڙن ۾ محمد ثناءُ الله خان مستي خيل، محمد رياض خان فتيانه ۽ مهر غلا م محمد لالي شامل آهن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جمع پهرين مارچ تي ٿيندي.