اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ??ي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيرا??ظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس وزيرا??ظم جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم چيو ته سعودي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو وزيرا??ظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. وزيرا??ظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ تي سعودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيرا??ظم کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سعودي سفير وزيرا??ظم کي سعودي قيادت پار??ن مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.