اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پ?? پي) چيف آف آر??ي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عام چونڊون 2024 ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ تي سڄي پاڪستاني قوم، نگران حڪومت، سياسي پارٽين ۽ سمورن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام جي پ??هنجي راءِ ڏيڻ جي حق جي استعمال لاءِ آزاد ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي شرڪت جمهوريت لاءِ سندس عزم جو ثبوت آهي، الله ڪري اهي چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻن ۽ اسان جي پ??اري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين. قوم جي نالي پ??هنجي پ??غام ۾ چيف آف آر??ي اسٽاف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قيادت ۽ اهلڪار تمام گهڻين ڏکيائين باوجود چونڊ عمل لاءِ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ تعريف جا مستحق آهن. قومي ميڊيا، سول سوسائٽي، سول انتظاميا ۽ عدليه جي ميمبرن جي تعميري ڪردار قومي تاريخ جي سڀني کان وڏي چونڊ مشق کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ کي ممڪن بڻايو. چيف آف آر??ي اسٽاف چيو ته سمورين جمهوري قوتن جي نمائنده متحد حڪومت، پاڪستان جي سياست کي قومي مقصد سان گڏ بهتر طريقي سان پيش ڪندي، چونڊ ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، قوم کي انتشار ۽ ورهائڻ جي سياست کان اڳتي وڌڻ لاءِ مستحڪم هٿن ۽ هڪ صحت بخش عمل جي ضرورت آهي. انتشار ۽ ورهائڻ واري سياست 25 ڪروڙ آبادي واري ترقي پسند ملڪ لاءِ مناسب ناهي. چيف آف آر??ي اسٽاف چيو ته چونڊ کٽڻ يا هارائڻ جو مقابلو نه پر عوام جي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ جي مشق آهي، سياسي قيادت ۽ انهن جي ڪارڪنن کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گه??جي جيڪو جمهوريت کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪستان جي آئين تي پ??هنجو گڏي?? اعتماد ظاهر ڪيو آهي، هاڻي سمورن سياسي پارٽين تي فرض آهي ته اهي سياسي پختگي ۽ اتحاد سان ان جو جواب ڏين، جڏهن اسان ان قومي سنگ ميل کان اڳتي وڌون ٿا ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گه??جي ته اڄ ملڪ ڪٿي بيٺو آهي ۽ باقي قومن ۾ اسان جو صحيح مقام ڪٿي هجڻ گه??جي. آر??ي چيف خواهش جو اظهار ڪيو ته اهي چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻڻ ۽ اسان جي پ??اري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين.