اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙي ا??م ترين قومي فرض ۽ آئيني ذميواري جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي ا??له پ??ڪ جو شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت قومي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، پوليس ۽ سول ايڊمنسٽريشن، پاڪستان آرمي، قومي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي پولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پنهنجي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذميواري جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چيو ته اڃان اسان پنهنجي ذميواري جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مون کي ا??يد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر تربيت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.