اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير ع??ي مبارڪ اي اي الخطر ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق مدد علي سنڌي قطري وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقاف??ي، لساني ۽ عوام هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. مدد علي سنڌي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي تعريف ڪئي. مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي گڏيل تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تع??ون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن وزارت جو عهدو سنڀاليو، استادن جي تربيت ۽ تعليم جي معيار کي اولين ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنال??جي?? تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت ذريعي تيار ڪيل اِي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ جمهوريه قطر جي سفير چيو ته قطر جو عوام پاڪستان سان گهري وابستگي رکي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان يونيورسٽي تع??ون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تع??ون اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارتن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.