اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خ??اهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان مل??قات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خ??اهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار و??رن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. مل??قات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻت?? جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.