اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ سعودي ??رب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو ??لا??ه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سعودي ??فير جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي ??رب پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي ??رب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي ??فير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي سعودي ??رب جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي ??فير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.