اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مرتضيٰ هاشواڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ڪاروباري س??هه کي مڪمل طور تي استعم??ل ۾ آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مرتضيٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ڪامياب ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي ملڪ جي ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي تمام گهڻي س??هه موجود آهي. پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذريعي خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ سياحتي ماڳن تي موجود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعم??ل ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.