ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سن??يانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سن??يانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سن??يانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي مي?? کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سن??يانگ جو دورو پاڪست??ن ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سن?? ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پاڪست??ن ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سن??يانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سن??يانگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سن??يانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سن??يانگ سان حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪست??ن ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سن??يانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.