اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي ??ان پاڪستان جي پهرين خلاباز عور?? نميره سليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره سليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وز??را??ظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم به ان ڪوشش ??ان پاڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت ??ان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نميره سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حاصل آهي. نميره سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.