ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) خات??ن اول بيگم ثمينه علوي صحت ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري فوتگين جي بلند شرح، دماغي صحت ۽ معذوري ??ي نظرانداز ڪيل مسئلن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته استاد، شاگرد، ميڊيا، يونيورسٽيون ۽ صحت جا ماهر بيداري ??ي پيغام کي هيٺئين سطح تائين پهچائين ۽ هڪ برابر ۽ ٺوس معاشري ??ي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هوءَ همدرد يونيورسٽي ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر، معذور ماڻهن جي حقن ۽ دماغي صحت جي مسلئن تي هڪ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ کي خطاب ڪري ??هي هئي. تقريب ۾ آنڪولوجي، سائڪاٽري ۽ طرزعمل سائنس جي ش??بن جي ماهرن سان گڏوگڏ همدرد يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر، ڊبليو ايڇ او سنڌ جي سربراهه، همدرد يونيورسٽي جي چانسلر، همدرد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ناليواري ڪسنلٽنٽ ميڊيڪل آنڪولوجسٽ ۽ سائيڪيٽري ڊائو يونيورسٽي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي ايڇ او ڊي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خات??ن اول چيو ته پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر جي ڪري ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ فوتگين جي ش??ح تمام وڌيڪ آهي، ان مرض جي ش??وعاتي مرحلي ۾ سُڃاڻپ ڪري ڪيتريون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني 5 منٽ پاڻ معائنو ڪرڻ جي عادت اختيار ڪن ته جيئن شروعاتي مرحلن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خبر پئجي سگهي ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جسم ۾ ڪا ڳوڙهي يا غيرمعمولي تبديلي محسوس ڪن ته طبي مدد وٺن. هن ٻڌايو ته هو 2018ع کان ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪري ??هي آهي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن ۽ ميڊيا جي تعاون جي ڪري ش??وعاتي مرحلني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وڌيڪ عورتن جي تشخيص ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر قابل علاج آهي ش??ط اهو آهي ته ان جي جلد سُڃاڻپ ٿي وڃي ۽ عورتن تي زور ڏنو ته اهي متوازن ۽ صحتمند طرز زندگي اختيار ڪن. ذهني صحت ۽ تندرستي بابت ڳالهائيندي بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت جي موضوع کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي ذهني صحت کي نظرانداز ڪن ٿا ۽ پيشيواراڻو مشورو نه ٿا وٺن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت جي پيشيور ماڻهن جي پڻ کوٽ آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني آن لائين تربيت ۽ مشاورت جي خدمتن کانسواءِ ??اڪستان ۾ ذهني صحت جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??نهنجي پيشيواراڻي مدد ۽ مهارت پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ماڻهن کي دٻاءُ، ڊپريشن يا ذهني صحت جي ٻين مسئلن جي صورت ۾ پيشيواراڻي مدد وٺڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن جي حقن کي اجاگر ڪندي بيگم ثمينه علوي معاشري ۾ انهن سان رويي ۾ تبديلي آڻڻ، انهن کي تعليم ۽ هنر ڏيڻ ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا جي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن واپاري ??رادري ??ي زور ڏنو ته اها خصوصي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي لاڳاپيل قانونن موجب سرڪاري ۽ نجي ش??بي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا پوري ڪن. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ??دم کڻڻ گهرجن ته جيئن انهن کي معاشري ??و نتيجاخيز ۽ برابر ميمبر بڻائي سگهجي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ٽيڪنيڪل ايدوائيزر مريم ملڪ شرڪت ڪندڙن کي بيگم ثمينه علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، معذور ماڻهن جي حقن ۽ دماغي صحت جي لاءِ ??ڪالت جي سفر بابت ٻڌايو جيڪو 5 سال اڳ شروع ڪيو ويو هو. انٽر ايڪٽو سيسن دوران شرڪت ڪندڙن خصوصي ماڻهن کي درپيش مختلف مسئلن ۽ هڪ ٺوس معاشرو ٺاهڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. شرڪت ڪندڙ اهم سماجي ۽ صحت جي مسئلن بابت قومي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ تي خات??ن اول کي ساراهيو.