اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيورسٽي ضم ٿيل ضلع?? جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپي?? جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات و??ري وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.