اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتساب ريفرنس مان محمد نواز شريف جي بريت تي شڪراني جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آه?? ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻ??يو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جو شڪر آه?? ته محمد نواز شريف کي انصاف مليو آه??، احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آه?? ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. هن چيو ته عدالت ??سل??م ڪيو آه?? ته نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ حڪومت جي اجازت سان ٻاهرئين ملڪ ويو، عدالت اهو به ??سل??م ڪيو ته نواز شريف ملڪ ۾ هجي ها ته جاچ جو حصو بڻجي ها. وزيراعظم چيو ته اهو ثبوت آه?? ته ڄاڻي واڻي ان وقت جي انتقامي حڪومت نواز شريف کي مفرور قرار ڏياريو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻ??يو ويو. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته الله تعاليٰ ڪوڙ تي ٻڌل هڪ ٻئي ڪيس ۾ کيس سرخرو ڪيو، اميد آه?? ته محمد نواز شريف سان سياسي مقصدن جي خاطر جيڪو ظلم ۽ زيادتي ڪئي وئي، ان ۾ ان کي مڪمل انصاف ملندو.