مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سف??ي سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سهولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپور?? ۽ ??ديني منوره جي شهزاده مح??د بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کا?? سعودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گ?? ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سف?? بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.