اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي ??لد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته واقعي جي ذميوارن کي ??لد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثن??ءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلرن جون ڪارروايون وقت سر ڇو نه روڪيون ويون؟ وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آه?? اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪاررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثن??ءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و زيرعاظم کي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 جون تي ٻيڙي جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سوارن ج?? تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي زندهه ريسڪيو ڪيو ويو آه?? جن مان 15 ج?? تعلق پاڪستان سان آه??. وزيراعظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آه?? جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آه??. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انساني اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ موجود هڪ منظم نيٽ ورڪ ملوث آه??. وزيراعظم ان معاملي جي تفصيلي جاچ کي ??لد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿام جا موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪمشنر گوجرانوالا کي پڻ ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشاندهي ڪري انهن کي ??لد قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.