اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز ??ئن?? سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ??هي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پيو وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻ??هر لاڳو ڪيو ??هي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز ??هي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ اضافو ڪرڻ ??هي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پينشن کي 12 هزار ر??پيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هزار ر??پين کان وڌائي 32 هزار ر??پيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو ??هي.