اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيرا??ظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ ??ول??ار انجنيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ??ول??ار انجنيئرنگ جي جاري ت??ان??ئي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ ت??ان??ئي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ??ول??ار انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص م??دگ??ر طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.