راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پا?? فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پا??ستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پا?? فضائيه، پا?? بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽ??ئر?? آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽ??ئر?? آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن ش??ڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پا?? سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تر??ني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خو??ني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پا?? فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خو??ني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.