اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط ل??يو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمرا?? خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمرا?? خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمرا?? خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آ??ين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمرا?? خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته و??يراعظم آ??ين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.