اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس معاملن ۾ انص??ف جي ف??اهمي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪ??ي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊ??ڪٽ?? محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن تي انص??ف جي ف??اهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انص??ف جي ف??اهمي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪ??ي وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سي??ڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي درن تي انص??ف جي ف??اهمي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.