ڪراچي – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب جي ثقافت پنهنجي بنياد ۽ خوبصورتي ج?? لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ مت??رڪ آهي، هن سرزمين کي پنجاب انهي لاءِ چوندا آهن ته هتي 5 درياءَ پاڻ ۾ ملن ٿا. بلاول هائوس ??يڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ثقافت جي ڏهاڙي ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب سميت پوري ملڪ جي عوام کي پنجاب جي ثقافت ڏهاڙي ج?? مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ثقافت ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو مضبوط ذريعو آهي، پنهنجي ثقافت کان ڌار ٿي ج??ئندڙ شخ?? هجي يا قوم، اڌورا رهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ثقافتي گهرائپ اسان جي معاشري ج?? خوبصورتي ۽ طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ اتحاد ۽ مضبوط وفاق پاڪستان جي لاءِ ملهائڻ گهرجي.