اسلام آباد – 07 – في??روري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي وقت سر ۽ ٺوس مدد جي لاءِ اپيل ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ فوتگين ۽ دل ??کائيندڙ ۽ دردناڪ منظر سامهون اچي رهيا آهن، وڏي پئماني تي جيڪو انساني الميو پيش آيو آهي ان ڏس ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ وقت سر ۽ ٺوس مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.