جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي ??ئي?? سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصي??ار?? جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. وزيراعظم ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو. پاڪستان ڪانفرنس ۾ ??ئي?? سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ??المي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصي??ار?? جي اهميت تي زور ڏيندو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ ??اضابطا ??ئي?? سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصي??ار?? جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عمل??ار?? سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپري??ن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.