اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري مان خصوصي ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ جي ل??ءِ قومي ۽ صوبائي سطح تي هڪ ٺوس آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اُجرت ڏيندڙ خصوصي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکندي خصوص?? نوڪريون پيدا ڪن ته جيئن انهن جي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ پاران ايوان صدر ۾ معذور ماڻهن جي رجسٽريشن بابت بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته تربيتي ادارا خصوصي ماڻهن جي شموليت جي ل??ءِ قدم کڻن، خصوصي نصاب ۽ ٽيڪينڪ جوڙين، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي معذوري جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ ميڊيڪل بورڊ جي ٽرمز آف ريفرنس ۽ طريقيڪار کي هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، هن تعليمي ادارن ۾ خصوصي ماڻهن سان بنا ڪنهن فرق جي سلوڪ ۽ مڪمل پهچ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، صحت جي سهولتن جي فرهامي، انهن جي معذوري جي سطح ۽ انهن ج?? نوعيت جو اندازو لڳائڻ جي ل??ءِ هڪ جهڙي، ٺوس سهولت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جا انتهائي برابر ميمبر آهن ۽ انهن جي شموليت هڪ مضبوط ۽ صحتمند معاشري جي ترقي ????ءِ ضروري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اُجرت ڏيندڙن کي گهرجي ته اهي خصوصي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکن ۽ انهن جي ل??ءِ خصوص?? نوڪريون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪن ته جيئن انهن جي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر خصوصي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، انهن جي ل??ءِ خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪرڻ ۽ انهن جي ل??ءِ سمورين خدمتن جي ل??ءِ سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ڪيترن ئي مرڪزن ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پهچ پيد ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر مختلف سطحن تي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ پيش ڪئي ويندڙ مختلف مراعتن ۽ اسڪيمن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جن ۾ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو، ميٽرو بس سروس، بي آر ٽي پشاور، ريلوي ۽ پي آءِ اي ۾ رعايت شامل آهي، خصوصي ماڻهو انهن خدمتن فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيت کي وڌائي سگهن ٿا. صدر نادرا پاران جووينائل ڪارڊ جاري ڪرڻ کي پڻ ساراهيو ۽ 5 کان 9 سالن جي عمر جي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ پلاسٽڪ تي ٻڌل ڪارڊ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪا خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ ڪارائتا هوندا ۽ انهن کي رکڻ آسان هوندو. هن چيو ته معذور ماڻهن جي سهولت ل??ءِ نادرا پاران تيار ڪيل بهترين طريقن ۽ انهن کي خدمتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ٻين وفاقي ادارن جي بهترين طريقن کي سمورن صوبن سان هر س??ح تي شيئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن اٽڪل 6 لک رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي رڪارڊ کي برقرار رکڻ تي نادرا کي ساراهيو. هن چيو ته ان تناسب کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت ٻين سهولتن جي هڪ جهڙي ۽ ٺوس فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جا برابر ميمبر آهن، انهن جي شموليت مضبوط ۽ صحتمند معاشري جي ل??ءِ ضروري آهي.