اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ??بس??ي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي ل??ءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ??بس??ي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي ل??ءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي ل??ءِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ل??ءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي ل??ءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ ??بس??ي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي ل??ءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.