اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طرف هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنج?? بيان ۾ هن چيو ته هڪ طرف اه?? شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طرف اه?? ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اه?? فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪر?? بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مريم اورنگزيب ??يو ته هڪ شخص پاڪستان جي معيش?? کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي آور آهي. هن چيو ته هڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست ملڪن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سازش?? بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار جي لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.