شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النيهيان گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم شهب??ز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهب??ز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مو??مياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مو??مياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پو??دو. وزيراعظم شهب??ز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.