مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي وار?? کاتي، تعليم وار?? کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چوڪ مٺ?? کان شروع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز ??اءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز ??اءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.