اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ??حم?? شعبان ولد ??حم?? انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ??حم?? شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ??حم?? عمران ولد فقير ??حم?? جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، ??حم?? عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر ??حم?? افضل ولد ??حم?? اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، ??حم?? افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ??حم?? اڪ???? ۽ ??حم?? اصغر ولد ??حم?? اڪ??م جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، ??حم?? اڪ???? ۽ ??حم?? اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.