اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين ??ين ??يف آر سي سي احسن اقبال ??ين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ اين ??يف آر سي سي جي نيشنل ڪو آرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ اين ??يف آر سي سي جو اهم اجلاس منعقد ڪيو. فورم کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان وڌ??ڪ متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جي باري ۾ آ??اه?? ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ڪنهن جي به فوت ٿيڻ جا اطلاع نه مليا. اين ??يف آر سي سي مطابق فورم کي يونيسيف طرفان عطيو ڪيل امدادي سامان جي بين ??لاقوامي اڏام ۽ ترڪيه مان آيل ٽرينن جي باري ۾ آ??اه?? ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته امدادي سامان آڻيندڙ 9 ٽرينن مان 6 ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايون ويون آهن باقي 3 ٽرينن جو سامان اڄ لاهي متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ کير پياريندڙ مائرن جي غذائي کوٽ جي حوالي سان صحت جي سنگين چئلينجن تي خاص توجهه ڏين. هن وبائي مرضن خاص ڪري مليريا ۽ ڊينگي تي ضابطو آڻڻ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. فورم کي ??لڊ ريسيلينٽ شيلٽر ماڊلز جي تعمير جي باري ۾ آ??اه?? ڪيو ويو، جيڪي ماحول دوست آهن. چيئرمين ??ين ڊي ايم اي فورم کي ٻڌايو ته ٻوڏ جو پهريون مرحلو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي بحالي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي.