اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين ج?? قلم ٽوڙيا ويا، انهن ج?? هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي ??يا??ي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي ??يا??تي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو ??يا??تي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين ??يا?? سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄ?? دنيا ۾ مري جي ??يا??تي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي ??يا??ي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مري پريس ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾??يا??ت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.