اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي ماح??لي??تي تبديلي ??بب ٻوڏ ??بب وڏي پئماني تي ٿيل ??باهي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد ڪن. هن سالياني پري جنرل اسيمبلي پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي جي نمائندي طرفان پڇيل ??وال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪج??ه ٿي رهيو آهي اهو موسمياتي بحران تي عالمي سطح تي ناڪافي قدمن جو ثبوت آهي. مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ??بب ٿيل ??باهي جو اندازو لڳائڻ ناقابل تصور آهي جيڪو هن پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقا منهنجي ملڪ پرتگال جي ڪل ايراضي کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. هن چيو ته گڏيل قومون پاڪستان جي مدد لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهن پر پاڪستان کي ماح??لي??تي تبديلي جي ڪري ٻوڏ ??بب وڏي پئماني تي ٿيل ??باهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي، جيڪي وڏي ٽاسڪ لاءِ تمام ضروري آهن ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته ماح??لي??تي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم ناڪافي ۽ غير منصفاڻا آهن ۽ هي هڪ دوکو آهي، هن چيو ته چاهي پاڪستان هجي، آفريقه، سمنڊ، ننڍا ٻيٽ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ، دنيا جي انتهائي ڪمزور ملڪ ماح??لي??تي بحران پيدا ڪرڻ جو ??بب نه آهن پر اهي ملڪ ڪاربن اخراج جو ??بب بڻجندڙ وڏن ملڪن جي خوفناڪ قيمت چڪائي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دنيا جي امير ملڪن جي سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو ماح??لي??تي بحران ??بب پيدا ٿيندڙ صورتحال جا ذميدار آهن ۽ اهو ئي نه رڪارڊ ڏڪار، ٻيلن ۾ باهه ۽ ٻوڏ، ماح??لي??تي تبديلي جا وسيع پئماني تي اثر پيا آهن.هن زور ڀريو ته سمورن ملڪن کي هر سال ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن زور ڀريو ته سمورا ملڪ هن وقت گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻين، ڇو ته دنيا اڄ ٻوڏ کان محفوظ نه ٿيندي ته اسان جو سڀاڻي به محفوظ نه هوندو.