اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاق?? وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به معاشي واڌ کي برقرار رکڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيريڪ ڪوهلٽ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي وار?? وزير آمريڪي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا ٻطرفي گهڻ رخي لاڳاپن تي روشني وڌي. ناڻي وار?? وزير آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وفد کي ملڪ جي معيشت جي صورتحال ۽ پيش منظر کان آگاهه ڪيو، ناڻي وار?? وزير وفد کي مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل انتظامي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو. هن چيو ته ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، جنهن سان زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي کي بري طرح نقصان پهتو آهي. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي اولين ترجيح معاشي واڌ کي برقرار رکڻ آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر پنهنجي ٽيم جو تعارف ڪرا??و ۽ معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مشڪل قدمن تي ناڻي وار?? وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ ملڪ کي در??يش مشڪل وقت تي همدردي جو اظهار به ڪيو، هن مشڪل وقت ۾ ترقي ۽ اوسر کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل عملي ڪوششن جو به اعتراف ڪ??و ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي، ٻئي پاسي ناڻي وار?? وزير ويان گروپ جي سي اي او ترزي گلو سان ناڻي وار?? وزارت ۾ ملاقات ڪئي، هيڊ آف انويسٽر رليشنز ڪيرشاو، ويان جي شيئر هولڊر ميٿيو سڪولاري، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ ناڻي وار?? وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ويان جي سي اي او ناڻي وار?? وزير کي پنهنج?? گروپ جي پروفائل، ويزن ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ گروپ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن گروپ کي در??يش مختلف مسئلن کان به ناڻي وار?? وزير کي آگاهه ڪيو. ناڻي وار?? وزير وفد کي ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ جي ڏس ۾ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، هن ويان جي سي اي او کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. ناڻي وار?? وزير گروپ طرفان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي به زور ڏنو.