راولپنڊي – 30 آگسٽ ( اي پي پي) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سوات پهچي ويو، آرمي چيف اتي ڦاٿل سياحن، مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪندو، جيڪي ڪمراٽ ۽ ڪالام ۾ شديد برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارڙن، پرڏيهين ۽ ٻين متاثرن کي پاڪ فوج جي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽرن ذريعي ڪانجو ڪينٽ سوات م??تقل ڪيو پيو وڃي. انهن متاثرن کي ضروري انتظامي ?? طبي امداد جي فراهمي بعد کين اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ ۾ مدد ڪئي پئي وڃي.