اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ را??دين جي فروغ لاءِ محڪماڻي را??دين تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي را??دين ۾ پاڪستاني را??ديگرن ميڊلز کٽي قوم جو نالو روشن ۽ سبز هلالي جهنڊو سربلند ڪيو آهي، ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ را??ديگرن تي قوم کي فخر آهي، ان سان نوجوان را??ديگرن جي حوصلا افزائي ٿيندي، ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، ٻوڏ متاثرين کي ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي را??دين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ را??ديگرن جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي آفيسرن ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني را??ديگرن دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي را??دين ۾ جهڙي طريقي سان محنت ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان سان ملڪ جو نالو روشن ٿيو آهي ۽ سبز هلالي جهنڊو دنيا ۾ سربلند ٿيو آهي، اهي ڪاميابيون سمورن را??ديگرن جي والدين جي دعائن، استادن ۽ ڪوچز جي محنت، انهن جي پنهنجي را??دين سان لڳاءُ ۽ ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندڙ را??ديگرن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پورو يقين آهي ته اسان جا را??ديگر را??د جي ميدان ۾ اڳي به اهڙي طرح ڪاميابين جو سفر جاري رکندا ۽ ان سان اسان جي ٻين هونهار را??ديگرن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم را??دين جي عملدارن کي به مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته انهن جي ٽيم ورڪ ۽ ڪوششن قوم کي هي ڏينهن ڏيکاريو آهي، اهڙي طريقي سان قدم جاري رکڻ گهرجن ۽ نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن، هي قوم وڏي جرئت ۽ اسان جا ٻار وڏي همت وارا هونهار ٻار آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ را??ديگرن جو تعلق شايد امير خاندانن سان به نه آهي پر هي عظيم پاڪستاني آهن، اهڙي طرح را??دين جي شعبي ۾ ٽيلنٽ جي ڳولا ڪئي وڃي ته اها تمام وڏي قومي خدمت هوندي. وزيراعظم چيو ته دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي را??دين ۾ سوني جو تمغو حاصل ڪندڙ ارشد نديم پنهنجي ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ ۽ اسڪول ۽ اسپتال جهڙي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي، مثالي ڳوٺ جي پاليسي اڳ ۾ موجود هئي پر پوءِ ان کي ختم ڪيو ويو هو پر ارشد نديم جي وٺن ۾ اهي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ اهڙي طرح جون سهولتون ٻين را??ديگرن جي ڳوٺن ۾ به فراهم ڪنداسين، اميد آهي ته جن را??ديگرن ڪانسي ۽ چاندي جا تمغا حاصل ڪيا آهن اهي اڳتي سوني جا تمغا کٽيندا ۽ سوني جا تمغا کٽيندڙ پلاٽينم ميڊل کڻندا، همت ڪندا ته ترقي توهان جا قدم چُمندي. وزيراعظم چيو ته را??ديگرن جي لاءِ انعام جي رقم ۾ يقينن اضافو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اضافو ڪيو به ويندو پر هن وقت ملڪ کي ٻوڏ صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، اڄ ئي قطر جي دوري تان واپس پهتو آهيان ۽ هينئر هڪ اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ته ڪهڙي طرح اسان کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جيل اءِ قدم کڻڻا آهن، لکين، ڪروڙي ماڻهو ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن انهن جي لاءِ وڌيڪ رقم گهرجي، جيئن به ۽ جتان به ممڪن ٿيو انهن جي لاءِ وسيلا ڳولينداسين ۽ انهن کي ٻيهر پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 800 کان 900 ماڻهو فوت ٿيا آهن، الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچائي. هن چيو ته محڪماڻي را??دين تي پابندي ختم ڪري رهيو آهيان ته جيئن ادارن جي وچ ۾ را??دين ۾ چٽاڀيٽي کي وڌايو وڃي ۽ را??دين جي ميدان ۾ پاڪستان جا نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ۽ اسلامي يڪجهتي را??دين ۾ ميڊلز کٽيندڙ را??ديگرن ۾ روڪ انعام پڻ ورهايا. انعام حاصل ڪندڙ را??ديگرن ۾ الطاف الرحمان، شاهه حسين شاهه، عنايت الله، علي اسد، زمان انور، شريف طاهر، محمد انعام، نور دستگير بٽ ۽ ارشد نديم شامل آهن.