اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي ق??بانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظالم مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابر?? ۽ ??زادي جي آفاقي اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿ?? ۽ ??نهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيل?? ورڇ، افراتفر?? ۽ ??نتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.