ڪوئيٽا – 01 211; ??گسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيرا??ظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي ??عا??ضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم اها به هدايت ڪئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي ??ڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وزيرا??ظم آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاه?? رکندي ۽ وزيرا??ظم جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.