ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بل??چستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تمام وڏو آهي، متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي بر??فنگ دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، بجلي وارو مملڪتي وزير مير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح ا??دين ايوبي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بل??چستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بل??چستان ۾ تازين برساتن جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت بر??فنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بل??چستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي الميو آهي ته ڊيمن جي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تمام وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ امداد جي لاءِ اين ڊي ايم اي، صوبائي انتظاميا ۽ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس جو ڄار وڇايو وڃي. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو. قيمتي انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بل??چستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي تنظيمن کي به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت جي مدد جي اپيل ڪئي. بل??چستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بر??فنگ ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 جون تي برساتن جون پري مون سون سلسلو شروع ٿيو، 30 سالن جي سراسري جي ڀيٽ ۾ بل??چستان ۾ اٽڪل 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. بر??فنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيستائين بل??چستان ۾ فوتگين جو ڪل انگ 136 آهي، جڏهن ته 70 ماڻهو زخمي آهن، 1100 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي، 2 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، 20 هزار 500 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو، موٽروي ايم 8 ۽ ڪوئيٽا ڪراچي قومي رستو وڏي حد تائين بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بل??چستان جي دوري تي لاهور کان ڪوئيٽا پهچڻ تي هوائي اڏي تي بل??چستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو استقبال ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.