اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڊووڪيٽ اقبال احمد ڪاسي ۽ ايڊووڪيٽ شوڪت علي رخشاني کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا ايڊيشنل ججز مقرر ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ گل حسن تر??ن، محمد ??امر نواز رانا ۽ سردار احمد ??ليمي کي به بطور ايڊيشنل جج مقرر ڪر?? جي منظوري ڏني آهي. صدر مقرري جي منظوري جوڊيشل ڪم??شن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي. صدر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.