اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرم??ن مملڪتي وزير کي ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي ??ي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي شهرين جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي شهرين کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪس??ان?? پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪس??ان?? مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پاڪس??ان??ن لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ٻاهر??ن ملڪ پاڪس??ان?? اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير نادرا پاران ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن ??ي ڀلائي ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن ??ي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.