اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو?? تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿو??ائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ پارلياماني وفدن جي ??ٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفي?? چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو?? قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ??دد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي ??اءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن