ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي ??وسي هم منصب س??گئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿو??ا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو?? پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي ??وشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ??يجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??زم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي ??والي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??يرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿو??ا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پ?? ملاقات ۾ موجود هئا.