لاهور – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب م??اق??ت ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شرڪت ڪئي. م??اق??ت ۾ پنجاب صوبي جي سول انتظاميا ۽ امن ا??ان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ??ني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضي مافيا جي خلاف پڻ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.