اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي ??نياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ سفير طور نام??دگ?? تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏن?? ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ??ه اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ??ه توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪ?? لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.