اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته سياحت ۽ ان سان جڙيل ٻين شعبن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته ??اد?? ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان ??ي آزاد ڪشمير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ?? احتساب ايڪٽ جي بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون جي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.